اي آءِ جو استعمال ڪندڙ خبردار، پي ٽي اي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) واهپيدارن کي هٿرادو ڏاهپ (اي آءِ) جي محفوظ، ذميواراڻي ۽ محتاط استعمال جي حوالي سان نئون هدايت نامو جاري ڪيو آهي.
هدايت نامي ۾ شهرين کي پنهنجي ذاتي ڄاڻ جي تحفظ کي پهرين ترجيح ڏيڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي، پي ٽي اي خبردار ڪيو آهي ته واهپيدار حساس دستاويز، سڃاڻپ بابت ڄاڻ يا ذاتي ڊيٽا ڪنهن به اي آءِ پليٽ فارم تي اپ لوڊ نه ڪن، ڇو ته ان سان پرائيويسي ۽ سيڪيورٽي جا خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا.
اٿارٽي وڌيڪ چيو آهي ته اي آءِ جي جوابن تي انڌو اعتماد نه ڪيو وڃي ۽ ڄاڻ جي لازمي تصديق ڪئي وڃي.
واهپيدارن کي اهو مشورو به ڏنو ويو آهي ته هٿرادو ذهانت سان تيار ڪيل جعلي يا گمراهه ڪندڙ مواد کان هوشيار رهن.
اٿارٽي جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل دنيا ۾ سوچي سمجهي ۽ احتياط سان ڪم وٺڻ ئي واهپيدارن جي ذاتي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.