لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ سالگرهه تقريب ماتم ۾ تبديل ٿي وئي، اوچتو ڇت ڪرڻ سبب پنهنجي سالگرهه ملهائيندڙ نوجوان سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
لاهور ۾ نوجوانن پنهنجي دوست 24 ورهين جي حافظ ارسلان جي سالگرهه ملهائڻ جو اهتمام ڪيو پر کين خبر نه هئي ته خوشين جو اهو ڏينهن ارسلان سميت ٻين لاءِ موتمار ثابت ٿيندو.
تقريب ڊيري ۾ رکي وئي، جتي دوست گڏ ٿيا ۽ خوشي ملهائي رهيا هئا ته اوچتو ڇت ڪِري پئي ۽ ٽهڪ رڙين ۾ تبديل ٿي ويا.
ڇت جي ملبي ۾ دٻجي حافظ ارسلان، احمد ۽ حمزا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽي دوست زخمي ٿي پيا، جنهن کي اسپتال نيو ويو، جتي هڪ زخمي نوجوان جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
You might also like