ڪراچي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي نئين ايڪشن فلم ”ڌُرنڌَر“ جي ٽريلر جاري ٿيڻ سان ئي سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو هو، جتي پاڪستاني واهپيدارن فلم ۾ ڏيکاريل منظرن ۽ مڪالمن تي سخت تنقيد ڪئي هئي.
هاڻي فلم رليز ٿيڻ بعد چوڌري اسلم جي گهرواري فلم جي هڪ تڪراري ڊائيلاگ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
چوڌري اسلم جي گهرواري هڪ بيان ۾ چيو ته فلم ۾ شامل ڊائيلاگ آهي ”شيطان ۽ جن مان جيڪو ٻار ڄمندو آهي، ان کي چوڌري اسلم چوندا آهن.“
هن چيو ته هي جملو سڌو سنئون شهيد جي ماءُ جي توهين آهي، جيڪا هڪ نيڪ، پرديدار ۽ ديندار عورت هئي.
سندس چوڻ هو ته اسان هڪ اسلامي ملڪ ۾ رهون ٿا، هتي اهڙيون ڳالهيون قبول نه ڪيون وينديون، اسان مسلمان آهيون، شيطان ۽ جنن سان عورتن جا لاڳاپا ناهن ٿيندا.
هن جو چوڻ هو ته سنجي دت هڪ سٺو اداڪار آهي، غلطي ان جي ناهي، اصل معاملو ليکڪن جو آهي جيڪي سدائين پاڪستان مخالف بيانئي کي هٿي ڏين ٿا.
چوڌري اسلم جي بيواهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ئي هر دهشتگردي جي جڙ آهي، ته پوءِ اهو ڀارتي فوجي آفيسر جنهن بابت ظاهر ٿيو هو ته هن چوڌري اسلم تي ڊالر خرچ ڪيا، اهو ڇا هو؟ وٽن ڪو جواب نه هوندو.
واضح رهي ته فلم ”ڌُرنڌَر“ ۾ هڪ ڪردار سنڌ پوليس جي آفيسر چوڌري اسلم جو پڻ آهي، جيڪو ”انڪائونٽر اسپيشلسٽ“ طور مشهور هو ۽ 9 جنوري 2014ع تي هڪ آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويو هو، فلم ۾ سنجي دت سندس ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ اڪشي کنا، رنوير سنگهه ۽ ارجن رامپال شامل آهن، فلم جي ڪهاڻي پاڪستان جي ڳهي ايجنسي آءِ ايس آءِ، ڀارتي ايجنٽن ۽ ڪراچي جي مشهور لياري گينگ وار جي ڪجهه حقيقي ڪردارن ۽ واقعن تي آڌاريل آهي.
”اسان مسلمان آهيون، شيطان ۽ جنن سان عورتن جا لاڳاپا ناهن هوندا“، چوڌري اسلم جي بيواهه جي ” ڌُرنڌَر“ تي تنقيد
You might also like