چئن ڏهاڪن کان بالي ووڊ تي بادشاهي ڪندڙ شاهه رخ خان پنهنجي فٽنيس روٽين ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان فٽ رهڻ لاءِ پنهنجي روزاني روٽين ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي.
پرڏيهي خبر اداري موجب، شاهه رخ خان پنهنجي فٽنيس ۾ روٽين ۾ اهم تبديلي آندي آهي ۽ پنهنجي ننڊ جي شيڊيول کي بهتر بڻايو آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو دوران شاهه رخ خان ٻڌايو ته هاڻي هو چئن ڪلاڪن بدران پنج کان ڇهه ڪلاڪ سمهي ٿو، دير تائين سمهڻ سان پٺن جي بهتر بحالي ممڪن آهي، جنهن سان دل ڪڏهن به نه ٿڪبي ۽ جسم ٿڪ باوجود ڪم جاري رکي ٿو.
اداڪار موجب، ڪڏهن ڪڏهن جسم ٿڪجي پوي ٿو پر دل ڪڏهن به ناهي ٿڪبي۽ انهيءَ جذبي سبب هو لڳاتار ڪم جاري رکيون پيو اچي.
ٻئي پاسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ورزش کانپوءِ پٺن جي مرمت ۽ واڌ ويجهه لاءِ ننڊ نهايت اهم آهي ۽ سڀ کان اثرائتي پٺن جي بحالي گهري ننڊ دوران ٿيندي آهي، جنهن ۾ ست کان نَو ڪلاڪ جي معياري ننڊ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.