انسان آهيان فرشتو نه، ڀائرن جهڙن رائيڊرز کان معافي گهران ٿي: ندا ياسر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ميزبان ندا ياسر ڊيليوري بوائز کي ٽپ نه ڏيڻ واري بيان تي معافي وٺي ڇڏي.
گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي شو دوران ندا ياسر چيو ته ”ڊيليوري بوائز ڪوڙ هڻندا اهن ته کُليا پئسا ناهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن مون وٽ به کُليا پيسا نه هجن ته مان ڊيليوري بوائز کي بيهاري ڇڏيندي آهيان ۽ ڊرائيور کي پئسا کُليا ڪرائڻ لاءِ موڪليندي آهيان، ان صورت ۾ جڏهن ڊيليوري بوائز جي ايندڙ ڊيليوري ۾ دير ٿيندي تڏهن هو ٻئي دفعي ڪوڙو نه ڳالهائيندو ، هي انهن ماڻهن جي عادت بڻجي وئي آهي، ڄاڻي واڻي چون ٿا ته پئسا ناهن ته جيئن اڳيون شخص پوري رقم ڏئي.“ ‘
ميزبان جو بيان سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويو جنهن کانپوءِ کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
ندا ياسر جو بيان وائرل ٿيڻ کانپوءِ رائيڊز جي طرفان به ندا ياسر خلاف احتجاج ڪندي کائنس معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو جنهن بعد هاڻي ميزبان رائيڊرز کان معافي وٺي ڇڏي آهي.
پنهنجي شو جي انٽرو ۾ ندا ياسر چيو ته ”گذريل ڏينهن مون ناظرين سان پنهنجو هڪ بُرو تجربو شيئر ڪيو پر ان دوران مون کان لفظن جي چونڊ ۾ ڪوتاهي ٿي.“
ميزبان جو چوڻ هو ته مان به انسان آهيان فرشتو نه تنهنڪري لفظن جي چونڊ ۾ مون کان ڪوتاهي ٿي وئي.
ندا ياسر وڌيڪ چيو ته پنج ئي آڱريون برابر ناهن هونديون، اهڙي طرح رائيڊرز جي سڄي ڪميونٽي اهڙي ناهي ۽ نه ئي مون سڄي ڪميونٽي بابت چيو هو، رائيڊرز ايماندار آهن جيڪي محنت ۽ سخت پورهيو ڪري خرچ پورا ڪري رهيا آهن، مان اهڙن رائيڊرز جي محنت کي سلام پيش ڪريان ٿي، منهنجي ڪري جيڪڏهن منهنجن ڀائرن جهڙا رائيڊرز ناراض ٿيا ان لاءِ دل سان معذرت ڪيان ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.