دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جون ٽڪيٽون خريدڻ جي خواهشمند شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جي ٽڪيٽن جي وڪرو جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي جي جاري ڪيل شيڊيول موجب، ٽڪيٽن جي وڪرو اڄ (خميس) شام ڇهن وڳي 15 منٽن تي شروع ٿيندي.
ٽورنامينٽ جي تاريخي ڏهين ايڊيشن جي ڀارت ۽ سريلنڪا گڏيل طور ميزباني ڪندا، ميگا ايونٽ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين جاري رهندو.
ڀارت ۾ ڪجهه وينيوز تي ٽڪيٽ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 1.11 ڊالر (اٽڪل 310 رپيا) تائين آهي، جڏهن ته سريلنڪا ۾ ٽڪيٽ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 3.26 ڊالر (اٽڪل 915 رپيا) تائين مقرر ڪئي وئي آهي.
You might also like