راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڊي جي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي 14 سال سخت پورهئي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل فيض حميد کي 14 سال سخت پورهئي سان قيد سزا ٻڌائي .
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو ۽ اهو عمل 15 مهينن تائين جاري رهيو.
آءِ ايس پي آر موجب، جوابدار خلاف 4 الزامن هيٺ ڪارروائي ڪئي وئي، جن ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هئڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهن.
آءِ ايس پي آر چيو ته ڊگهي ۽ محنت طلب قانوني ڪارروائي کانپوءِ جوابدار کي سمورن الزامن ۾ قصوروار قرار ڏنو ويو، عدالت طرفان ڏنل سزا 11 ڊسمبر 2025 کان لاڳو هوندي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ۽ جوابدار کي دفاع لاءِ وڪيلن جي ٽيم چونڊڻ سميت سمورا قانوني حق ڏنا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جوابدار جي سياسي عنصرن سان ڳٺ جوڙ، سياسي وڳوڙن ۽ عدم استحڪام وارا معاملا الڳ سان ڏٺا پيا وڃن.
واضح رهي ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدن تي رهي چڪو آهي ۽ هن ڪور ڪمانڊر پشاور طور به خدمتون انجام ڏنيون.
فيض حميد جو نالو ڪڏهن منظرعام تي آيو؟
فيضآباد ڌرڻي وقت پهريون ڀيرو فيض حميد جو نالو سامهون آيو جڏهن سندس حوالي سان حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدي ڪرائڻ جي ڳالهه سامهون آئي.
2018ع وارين چونڊن کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت 2019ع ۾ فيض حميد کي آءِ ايس آءِ سربراهه مقرر ڪيو ۽ هو ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين انهي عهدن تي رهيو.
ان کانپوءِ ٽي ايل پي سان معاهدي واري معاملي تي سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ اهڙن آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو، فيض حميد مٿان سياسي معاملن ۾ مداخلت ۽ حلف جي پاسداري نه ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، ان ئي دور ۾ سياسي انتقام، گرفتاريون ۽ وفادارين جي تبديلي جا الزامن پڻ سامهون آيا.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف به تقريرن ۾ فيض حميد تي سنگين قسم جا الزام لڳايا، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي دور ۾ سياسي مداخلت جا الزامن به سامهون آيا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي به فيض حميد تي مداخلت جا الزام لڳايا هئا
ڪابل ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ جي ٽن هفتن بعد ِ فيض حميد جي ڪافي ڪپ واري تصوير تي سخت تنقيد ڪئي وئي.
پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ فيض حميد تي پي ٽي آءِ جي مخالفن کي جيلن ۾ وجهڻ، قانونسازي لاءِ اجلاس ۾ اڪثريت پوري ڪرائڻ ۽ بجيٽ منظور ڪرائڻ جهڙا الزام به لڳا.
فيض حميد کي ڪڏهن فوجي تحويل ۾ ورتو ويو؟
ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي 12 آگسٽ 2024ع تي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت سندس خلف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي.
ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي هدايت تي نجي هائوسنگ سوسائٽي واري معاملي تي شڪايتن کانپوءِ شروع ڪئي وئي، جنهن تحت تفصيلي ڪورٽ آف انڪوائري پڻ ٿي.
29 نومبر 2022ع تي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد وقت کان اڳ ئي رٽائر ورتي هئي.
فيض حميد کي ڪڏهن چارج شيٽ ڪيو ويو؟
گذريل سال 10 ڊسمبر تي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل تحت فيض حميد کي بظابطا چارج شيٽ ڪيو ويو.
انهن چارچز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هئڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان رسائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل هو.
آءِ ايس پي آر موجب، فيض حميد تي پرتشدد ۽ بدامني جي ڪيئي واقعن ۾ نوَ مئي سان لاڳاپيل واقعا پڻ جاچ ۾ شامل آهن.