فيض حميد پي ٽي آءِ جي سياسي صلاحڪار طور سازشون ڪيون، فيصلو حق ۽ سچ جي فتح آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ فيض حميد جي سزا تاريخي فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته حميد حميد کي سزا هڪ تاريخي فيصلو ۽ حق سچ جي فتح آهي، پاڪ فوج جو سسٽم گهڻو مضبوط آهي، قانوني مڪينزم گهڻا مضبوط آهن، ان معاملي تي ڊگهو عرصو شاهديون پيش ڪيون ويون، شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، فيض حميد پي ٽي آءِ جي سياسي صلاحڪار طور ملڪ ۾ سازشون ڪيون.
هن چيو ته فيض حميد ريڊ لائن ڪراس ڪئي، رٽائرمينٽ کانپوءِ جڏهن سياسي سرگرمين تي پابندي هئي، تڏهن به پي ٽي آءِ جو سياسي صلاحڪار بڻيو ۽ ان جي مڪمل سياسي سپورٽ ڪئي، 9 مئي جهڙن واقعن ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ رياست خلاف بغاوت ڪرڻ ان تي ثابت ٿيو آهي، هائوسنگ سوسائٽي جو ڪيس سامهون آهي، اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ اهي سڀ ترديد نه ٿيڻ جوڳا آهن، هي لينڊ مارڪ فيصلو آهي، ان سان قانون ۽ انصاف جي نظام کي هٿي ملي آهي.
سندس چوڻ هو ته فيئر ٽرائل ٿيو ۽ ڀرپور موقعو ڏنو ويو ته پنهنجي دفاع ۾ ثبوت ۽ شاهد پيش ڪيو، سياسي معاملن جي به تحقيق ٿي رهي آهي، سڀ شيون فيض حميد تي ثابت ٿي چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.