سکر، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ ڪو به نوگو ايريا ناهي:آءِ جي سنڌ

سکر(رپورٽ: سيد نعيم شاھ) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سکر، شڪارپور، گھوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ هاڻي ڪو به اهڙو  نوگو ايريا باقي ناهي رهيو، جتي پوليس نه وڃي سگهي، گذريل تيرنهن مهينن دوران انهن چار ئي ضلعن ۾ پوليس مقابلي دوران 198 ڏوهاري ماريا ويا، جڏهن ته 520 کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، سنگين ڪيسن ۾ گهربل 800 کان وڌيڪ جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ سکر جي مقامي اسپتال ۾ شڪارپور ۾ پوليس مقابلي دوران زخمي ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي عيادت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اشتھاري ۽ روپوش جوابدارن خلاف مهم جاري آهي ۽ هن وقت تائين هڪ هزار کان وڌيڪ اهڙا جوابدار پڪڙڻ ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي، گذريل ٻن سالن کان پوليس جي اها ئي پاليسي رهي آهي ته نوگو ايرياز ۾ وڃي ڏوھارين کي چئلينج ڪيو وڃي، جيئن جيڪڏهن ڪو پيش ٿيڻ چاهي ٿو ته ان سان قانون موجب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ جيڪو مقابلو ڪرڻ چاهي، سو مقابلو ڪري ڏيکاري، هن پاليسي سبب ڪاميابيون به مليون آهن ۽ ڪيترن ڏوهارين پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو آهي، جنهن سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي ۽ اميد آهي ته وڌيڪ ڏوهاري جلد پاڻ کي قانون حوالي ڪندا، آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته پوليس عوام جي تعاون کانسواءِ ڪامياب نٿي ٿي سگهي. اسان چاهيون ٿا ته پوليس ۽ عوام گڏجي ڪم ڪن جنهن سان وڌيڪ سڌارو ايندو، شڪارپور ۾ پوليس مقابلي دوران نو ڏوهاري ماريا ويا ۽ ٻه زخمي ٿيا، اسان جا ٻه ڊي ايس پي ۽ ٻه اهلڪار زخمي ٿيا جن جي حالت هاڻي بهتر آهي ۽ ڊاڪٽرن جي صلاح موجب انهن جو سکر ۾ علاج ٿي رهيو آهي، پوليس ۾ جيڪو سٺو ڪم ڪندو، ان کي انعام ضرور ملندو. اڳ به بهترين ڪارڪردگي تي افسرن کي انعام مليا آهن ۽ هاڻي به جيڪو چڱو ڪم ڪندو، ان کي ريواڊ ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.