ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم (بي سي سي آءِ ) جي اڳوڻن ڪپتانن روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ تنزلي جو امڪان آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، رڳو ون ڊي ميچون کيڏڻ سبب روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي معاوضن ۾ ڪٽوتي ٿي سگهي ٿي، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ 4 ڪيٽيگريز ۾ ايليٽ ڪرڪيٽرز کي سينٽرل ڪنٽريڪٽ ڏئي ٿو.
ڀارتي بورڊ اپريل 2025ع ۾ رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنا هئا، ڪوهلي ۽ روهت کي ايندڙ سرڪل ۾ ڪٽوتي جو منهن ڏسڻو پوندو، روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي اي پلس ڪيٽيگري برقرار نه رکي سگهندا، اي پلس ڪيٽيگري برقرار نه رکڻ جو سبب رڳو هڪ ئي فارميٽ کيڏڻ آهي.
ميڊيا رپورٽ موجب، هڪ فارميٽ سبب ٻنهي ڪرڪيٽرن جون ميچون تمام گهٽ آهن، اي پلس ڪيٽيگري ۾ شامل ڪرڪيٽرز کي 7 ڪروڙ ڀارتي رپيا ملندا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻئي ڪرڪيٽر اي ڪيٽيگري ۾ وڃن ٿا ته کين ساليانو 5 ڪروڙ ڀارتي رپيا ملندا، اهڙي طرح روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ 2 ڪروڙ ڀارتي رپين جي ڪٽوتي ٿيندي.
You might also like