عمران خان، قمر جاويد باجوا کي تاحيات عهدي جي آڇ ڪئي هئي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪڏهن به عوام لاءِ روڊن تي ناهي نڪتي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته 2018 ۾ جعلي مينڊيٽ تي عمران خان اقتدار ۾ آيو، پي ٽي آءِ کي سازش ڪري حڪومت ۾ آندو ويو، عمران خان پنهنجي دور ۾ هڪ به سٺو ڪم نه ڪيو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جيڪو تڪرار پيدا ڪيو آهي، اهو هڪ شخص جي آزادي لاءِ آهي، اها پارٽي ڪڏهن به عام ماڻهو لاءِ روڊ تي ناهي نڪتي، انهن معاشري ۾ گارگند جي ڪلچر کي هٿي ڏني.
سندس موجب اهو عمران خان ئي هو، جنهن قمر جاويد باجوا کي تاحيات عهدي جي آڇ ڪئي هئي، قوم 9 مئي کي نٿي وساري سگهي، پي ٽي آءِ پنهنجون غلطيون تسليم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.