دنيا جي طاقتور ترين پاسپورٽ جو اعزاز وري گڏيل عرب امارتن جي نانءِ، پاڪستان يمن کان به پوئتي

آرٽن ڪيپيٽل طرفان جاري ڪيل 2025 جي طاقتور ترين پاسپورٽ جي فهرست ۾ يو اي اي جو پاسپورٽ مسلسل ستون ڀيرو پهرئين نمبر تي رهيو، ان ملڪ جو پاسپورٽ رکندڙ شهري 179 ملڪن جو بنا ويزا جي سفر ڪري سگهن ٿا.
يو اي اي جو پاسپورٽ ٻين اهم ملڪن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي طاقت برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي، خاص طور ان وقت، جڏهن اڪثر ملڪن جي پاسپورٽ جي طاقت ۾ گهٽتائي آئي آهي، يو اي اي جي مستحڪم معيشت ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول ان جي پاسپورٽ جي طاقت کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي.
فهرست ۾ ٻئي نمبر تي سنگاپور ۽ اسپين جا پاسپورٽ گڏيل طور آهن، جن جا شهري 175 ملڪن جو ويزا بنا سفر ڪري سگهن ٿا.
ٽئين نمبر تي سوئٽزرلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، جرمني، سويڊن جا پاسپورٽ آهن ۽ اهي پاسپورٽ رکندڙ 174 ملڪن جو ويزا فري سفر ڪري سگهن ٿا.
پاڪستان جو پاسپورٽ ڪمزور ترين پاسپورٽس ۾ شامل آهي ۽ اهو 91هين نمبر تي آهي، پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ رڳو 45 ملڪن جو ويزا فري سفر ڪري سگهن ٿا، پاڪستان سان گڏ ان فهرست ۾ عراق، شام ۽ افغانستان به شامل آهن.
ان جي ڀيٽ ۾ يمن، بنگلاديش، اتر ڪوريا ۽ فلسطين جا پاسپورٽ پاڪستان کان وڌيڪ طاقتور آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.