نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ڊوميسٽڪ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ”سيد مشتاق علي ٽرافي“ دوران هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳو واقعو پيش آيو، جتي انڊر 19 ٽيم جي هيڊ ڪوچ ايس وينڪٽارمن تي مبينا طور تي حملو ڪيو ويو.
ايسوسيئيشن جي انڊور نيٽس ۾ پيش آيل واقعي ۾ هيڊ ڪوچ کي مٿي تي شديد زخم آيا، کيس ويهه ٽاڪا لڳا ۽ ڪلهي ۾ فريڪچر به ٿيو آهي.
رپورٽن موجب، ڪجهه رانديگر اسڪواڊ مان ڪڍڻ تي ڪوچ مٿان ڪاوڙيل هئا جن بعد ۾ مٿس حملو ڪيو.
پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته جوابدار روپوش آهن جن جي ڳولا لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.
ڪوچ وينڪٽارمن پنهنجي شڪايت ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن آف پونڊيچري جي سيڪريٽري چندرن رانديگرن کي حملي لاءِ ورغلايو.
هن الزام لڳائيندي چيو ته رانديگرن حملي دوران هڪٻئي سان سس پس ڪندي چيو ته کين ٽيم ۾ موقعو رڳو ڪوچ کي قتل ڪرڻ جي صورت ۾ ئي ملندو.
ٻئي پاسي فورم جي صدر سنيٿل ڪمارن سيڪريٽري جي چندرن تي مڙهيل الزام رد ڪندي چيو آهي ته وينڪٽارمن سان مقامي ڪرڪيٽرن جا اختلاف ۽ شڪايتون پهريان به سامهون اچي چڪيون آهن.
You might also like