مقبول صحافڻ پوجا سمنت انڪشاف ڪيو آهي ته ڪترينا ڪيف، رنبير ڪپور سان لاڳاپن جي خاتمي کانپوءِ سخت ذهني ۽ جذباتي دٻاءَ جو شڪار هئي.
پوجا چيو ته هڪ انٽرويو دوران ڪترينا ڪيف انتهائي پريشان نظر اچي رهي هئي ۽ روئي رهي هئي، هوءَ چئي رهي هئي ته مان غلطي ڪئي آهي ۽ پنهنجو ڪم گهٽجڻ جي ذميوار مان آهيان.
سندس موجب ڪترينا ڪيف پنهنجي دل ٽٽڻ جا جذبا شيئر ڪندي چيو ته مان ان سان محبت ڪري ويٺيس ۽ پوءِ شيون ٺيڪ نه هيون ۽ هاڻ اسان گڏ ناهيون پر ان جي ڪري مان پنهنجو ڪيريئر تباهه ڪري ڇڏيو.
پوجا چيو ته ڪترينا ڪيف محبت جي انتها تي هئي ۽ ان رشتي دوران ڪيترين ئي فلمن جا موقعا ڇڏي ڏنا هئا، ڇو ته هوءَ شادي ۽ ڪم کان وٿيءَ لاءِ تيار ٿي رهي هئي.
پوءِ ڪترينا اداڪار وڪي ڪوشل سان شادي ڪري ڇڏي ۽ کيس هڪ پٽ جو والاد پڻ آهي.
Prev Post
You might also like