سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي ليگ بگ بيش (بي بي ايل) جي ٽيم سڊني سڪسزرز پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم لاءِ انوکو جرسي نمبر متعارف ڪرائي ڇڏيو.
بي بي ايل جي شروعات 14 ڊسمبر کان ٿيندي، جنهن ۾ بابر اعظم سڊني سڪسزرز جي نمائندگي ڪندو.
بابر اعظم ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ سڊني ۾ ديرا ڄمائي ورتا آهن.
سڊني سڪسزرز بگ بيش ليگ جي 15هين سيزن کان اڳ خاص طور تي پنهنجي اوورسيز اسٽار بابر اعظم لاءِ روايت کان هٽي ڪري 3 انگن تي ٻڌل جرسي نمبر ”056“ متعارف ڪرائي.
هونئن بابر اعظم جو قومي جرسي نمبر 56 آهي، پر بگ بيش ۾ فرنچائز کيس ”056“ نمبر الاٽ ڪيو آهي.
سڊني سڪسرز طرفان پنهنجي آفيشل سوشل ميڊيا تي بابر اعظم جي نئين جرسي جون تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ هو سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ نئين نمبر واري جرسي پهريل نظر اچي رهيو آهي.
واضح رهي ته بابر اعظم کي 56 هين نمبر واري جرسي نه ڏيڻ جو اصل ڪارڻ مچل اسٽارڪ آهي، جنهن جي جرسيءَ جو نمبر پڻ ساڳيو آهي ۽ هو به سڊني سڪسرز جو حصو آهي.
You might also like