ڪراچي (رپورٽر)تڪراري ٽوئٽ ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي سزا ملڻ خلاف ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران سٽي ڪورٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو، عورت مارچ جو هڪ وفد به احتجاج ۾ شامل ٿيو.ڪراچي بار ڪيس کي سنڀالڻ جي طريقي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ڪراچي بار جي جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي، سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر حفيظ لاشاري احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، انساني حقن جي ڪارڪن ايڊووڪيٽ جبران ناصر پڻ احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، مظاهرين ايمان مزاري لاءِ مفت ٽرائل جو مطالبو ڪيو.