اڄ به وسيم اڪرم کي عظيم ترين بالر سمجهان ٿو : مچل اسٽارڪ

برسبين (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊري فاسٽ فالر وسيم اڪرم جو رڪارڊ ٽوڙڻ باوجود آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ ماضي جي ليفٽ آرم اسپيڊ اسٽار کي دنيا جو بهترين تيز بالر قرار ڏئي ڇڏيو.
مچل اسٽارڪ گذريل ڏينهن ايشز سيريز جي ٻي ڊي نائيٽ ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن انگلينڊ خلاف پهرين اننگز ۾ اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم جو 414 وڪيٽن وارو رڪارٽ ٽوڙي سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ ليفٽ آرم فاسٽ بالر جو عزاز ماڻيو.
پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي جڏهن پريس ڪانفرنس دوران مچل اسٽارڪ کان پڇيو ويو ته وسيم اڪرم جو رڪارڊ ٽورڻ کانپوءِ توهان پاڻ کي ليفٽ آرم گريٽسٽ بالر آف آل ٽائيم سمجهو ٿا؟
جنهن تي سندس چوڻ هو ” مان ائين نه ٿو سمجهان ، مان سمجهان ٿو ته وسيم اڪرم هاڻي به مون کان وڏو بالر آهي، هو هاڻي به کاٻڙيل فاسٽ بالرن ۾ سڀ کان مٿانهون آهي.“
مچل اسٽارڪ جو چوڻ هو ته ” مان ڏاڍو خوش آهيان جو منهنجو نالو به هن جهڙي عظيم ليڊر سان گڏ ورتو پيو وڃي، پر مان رڳو پنهنجي ڪارڪردگي سان وڪيٽون وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهيان.“
گذريل ڏينهن وسيم اڪرم به سوشل ميڊيا تي مچل اسٽارڪ کي واڌايون ڏيندي چيو و ته ” تون ڏاڍو محنتي بالر آهين، مون کي خوشي آهي ته تون منهنجو رڪارڊ ٽوڙيو، ائين ئي پرفارم ڪندو رهه.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.