سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ڀارت سان جنگ دوران به غلط ٻولي استعمال ڪندو رهيو، سندس سڃاڻپ پاڪستان دشمن جي آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر محتاط ٻولي استعمال ڪئي، مون کي آزادي آهي ته مان سر جو جواب پٿر سان ڏئي سگهان ٿو، اهڙو رويو اختيار ڪندئو ته اهڙي ئي قسم جي ٻولي استعمال ڪئي ويندي.
هن چيو ته عمران خان جي ڀيڻ غير سياسي آهي، هن ڀارتي ميڊيا سان جيڪي ڳالهيون ڪيون ڇا ڪوئي پاڪستاني ڪري سگهي ٿو، ڇا هن مٽيءَ سان ان جو ڪو رشتو آهي؟
سندس چوڻ هو ته ڀارت خلاف جنگ دوران اسان جا دوست، ڀائر اسان سان گڏ بيٺا رهيا پر هڪ سياسي پارٽي اهو ڪردار ادا نه ڪيو، پي ٽي آءِ باني هر معاملي تي ڳالهائيندو آهي ان وقت ڇو چپ رهيو؟ هو ان وقت به غلط ٻولي استعمال ڪندو رهيو، جنگ دوران به فوجي قيادت کي نشانو بڻائيندو رهيو.
خواجا آصف چيو ته سياست ڀلي ڪيو، احتجاج ڪيو، سڀ ڪجهه ڪيو پر پاڪستان جي سرزمين کي، پاڪستان جي غيرت ۽ اهميت کي نه للڪاريو.
هن چيو ته ماضي ۾ اسان به فوج تي تنقيد ڪئي پر پنهنجي مجاهدن ۽ شهيدن جي حق ۾ آواز ته اٿاريو، طالبان جي حق ۾ آواز نه اٿاريو، دهشتگردن جي حمايت نه ڪيو، انهن سان پيار محبت جون ڳالهيون نه ڪيو، ڀتو ادا نه ڪيو.
ڀارت سان جنگ دوران به پي ٽي آءِ باني غلط ٻولي استعمال ڪندو رهيو، هو ملڪ دشمن آهي: خواجا آصف
Next Post
You might also like