جوءِ روٽ، اسد شفيق جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

برسبين(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر جوءِ روٽ پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر اسد شفيق جو ٽيسٽ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي وچ ايشز سيريز ٻي ڊي نائيٽ ٽيسٽ برسبين ۾ جاري آهي، جتي انگلينڊ پهرين اننگز ۾ جوءِ روٽ جي شاندار سينچري جي مدد سان 334 رنسون ٺاهيون.
جوءِ روٽ آسٽريلوي سرزمي تي پنهنجي پهرين ٽيسٽ سينچري اسڪور ڪئي ڪئي ۽ 138 رنسن جي اننگز کيڏي.
اهڙي ريت جوءِ روٽ آسٽريليا خلاف ڊي نائيٽ ٽيسٽ ميچن ۾ سڀ کان وڏو انفرادي اسڪور ٺاهيندڙ بيٽر بڻجي ويو.
هن پاڪستان جي اڳوڻي بيٽر اسد شفيق جو 2016 قائم ڪيل رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
اسد شفيق 2016 ۾ آسٽريليا خلاف گابا ۾ کيڏيل ڊي نائيٽ ٽيسٽ ۾ 137 رنسون ٺاهي اِهو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.