ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿي وئي.
نيوزيلينڊ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ۾ ويسٽ انڊيز کي کٽڻ لاءِ 531 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو، پر ويسٽ انڊيز جي بيٽرز جي غيرمعمولي بيٽنگ سبب ٽيسٽ ميچ بنا نتيجي ختم ويئي.
ويسٽ انڊيز چوٿين اننگز ۾ 163.3 اوورز بيٽنگ ڪئي ۽ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 457 رنسون ٺاهيون.
ويسٽ انڊيز جي جسٽن گريوز 388 بالن تي 202 رسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪيما روچ 233 بالن تي 58 رنسن تي ناقابلِ شڪست رهيو، ٻنهي رانديگرن ستين وڪيٽ تي 180 رنسن جي اهم ڀائيواري ٺاهي، شاءِ هوپ به 140 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو.
نيوزيلينڊ پهرين اننگز ۾ 231 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته ٻي اننگز 466 رنسن 8 رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪئي هئي. ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 167 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.
شاندار بيٽنگ ويسٽ انڊيز جي جسٽن گريوز کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.