اسلام آباد ۾ ٻه نينگريون ماريندڙ جج جي پٽ کي متاثر خاندانن معاف ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد اسڪوٽي حادثي ۾ حياتي وڃائيندڙ ٻنهي نينگرين جي خاندانن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ شائسته ڪنڊي جي عدالت ۾ گرفتار جوابدار ابوذر کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي پيش ڪيو ويو.
عدالت آڏو متاثر ٿيل ٻنهي خاندانن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو، هڪ نينگري جو ڀاءُ بيان ڏيڻ لاءِ عدالت آيو ۽ ماءُ جو آن لائن بيان رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته ٻي نينگري جي پيءُ جو بيان پڻ عدالت ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.
ٻنهي خاندانن ۾ ٺاهه ٿيڻ کانپوءِ جوابدار خلاف ڪيس ختم ڪيو ويو.
متاثر خاندانن جي بيان کانپوءِ جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي وئي ۽ عدالت جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.