اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته عمران خان ڪڏهن نه چيو آهي ته هو فوج خلاف آهي. علي محمد خان موجب، عمران خان چوندو آهي ته ملڪ به ان جو آهي، فوج به ان جي آهي، هو رڳو اهو چوندو آهي ته اداري جو سياست ۾ ڪردار نه هجڻ گهرجي. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي کان وڏو مسئلو سياسي عدم استحڪام آهي، سياسي استحڪام هوندو ته معيشت به بهتر ٿيندي.