فيلڊ مارشل جون سعودي ۽ بحرين جي عسڪري عملدارن سان ملاقاتون

راولپنڊي (بيورو) فيلڊ مارشل جون سعودي ۽ بحرين جي عسڪري عملدارن سان ملاقاتون، فيلڊ مارشل عاصم منير، چيف آف دي آرمي اسٽاف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مضبوط دفاعي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جو تعلق گهڻ رخا آهي، جيڪو اسٽريٽجڪ فوجي تعاون، باهمي معاشي مفادن ۽ گڏيل اسلامي ورثي تي ٻڌل آهي. ان ۾ سعودي عرب طرفان مالي امداد ۽ تيل جي فراهمي پڻ شامل آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ رائل سعودي لينڊ فورسز جي ڪمانڊر، ليفٽيننٽ جنرل فهد بن سعود الجوهاني سان ملاقات ڪئي، هن ملاقات دوران فوجي تربيت، صلاحيت سازي ۽ انٽيليجنس شيئرنگ ۾ باقاعده سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، فيلڊ مارشل عاصم منير بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسى بن سلمان آل خليفه سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين فوجي تعلقات کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، ملاقات ۾ علائقائي سلامتي ۽ باهمي دفاعي تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنرل شيخ محمد بن عيسى آل خليفه پاڪستاني فوج جي پيشه ورانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ خطي ۾ امن قائم رکڻ ۾ ان جي ڪردار کي تسليم ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.