اسلام آباد(بيورو)يارهين قومي مالياتي ڪميشن(اين ايف سي) جو اجلاس اڄ ٿيندو،ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، وفاقي ناڻي واري وزارت پاران پنهنجي مالي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس ۾ چار ئي صوبا به ڏهه ڏهن منٽن لاءِ پنهنجي مالي پوزيشن تي بريفنگ ڏيندا،ناڻي وزارت موجب اجلاس ۾ اين ايف سي ايوارڊ طئي ڪرڻ لاءِ ايندڙ اجلاسن جو شيڊول ۽ ٽائم لائنز طئي ٿينديون،اجلاس جي صدارت ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪندو،اجلاس ۾ چار ئي وڏا وزير ۽ پرائيوٽ ميمبر شرڪت ڪندا،ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري مرڪزي حڪومت جي مالي صورتحال تي بريفنگ ڏيندو،ناڻي واري وزير چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ صوبن جي ڳالهه ٻڌنداسين ۽ پنهنجي صورتحال صوبن آڏو رکنداسين،اجلاس ۾ ”پاڪستان پهرين“ جي جذبي سان ويهنداسين،