اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)سينيئر صحافي اسد طور چيو آهي ته ن ليگ نوٽيفڪيشن واري وڏي اونهي واردات ڪئي آهي، پر ن ليگ اهو ڪنهن جي اشارِي تي ڪيو آهي، ۽ جن طرفان اشارو ٿيو هو، اهي سول نه آهن۔ن ليگ پيغام ڏنو آهي ته سڀ ڪجهه اوهان جي مرضي مطابق نه هلندو،هن چيو ته جيڪڏهن 26هين ترميم کان اڳ واري عدليه هجي ها، ۽ عدالتون جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ امين الدين جهڙن ججن جي هٿ ۾ نه هجن ها، ته هي معاملو عدالتن ۾ وٺي وڃڻ ممڪن هجي ها،هن چيو ته ن ليگ نوٽيفڪيشن ۾ جيڪا دير ڪئي آهي، اهو امڪان آهي ته ايندڙ وقت ۾ هو هن گيپ کي هٿيار طور استعمال ڪري سگهن ٿا۔