27 هين آئيني ترميم جا پوندڙ ناڪاري اثر

اختر چنو

هن ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن جهڙوڪ غربت، توانائي بحران، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جو بحران، معاشي بحران، هر هڪ صوبي ۾ ڪروڙين نوجوان بيروزگار آهن. ڪروڙين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي اڌ کان وڌيڪ آبادي پيٽ ڀري ٻه ويلا ماني نٿي کائي سگهي. حڪمران ٽولو مڃي يا نه مڃي اها الڳ ڳالهه آھي. ڪروڙين ٻار بازارن ۾ پني رهيا آهن. هاڻي صرف ٻه طبقا بچيا آهن هڪ صفا امير ۽ ٻيو صفا غريب! مڊل ڪلاس ڪڏهوڪو ختم ٿي ويو آهي. اترين علائقن ۾ هر آئي ڏينھن فورسز تي حملا ٿي رهيا آهن. دهشتگردي کٽڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. اهڙي طرح ئي سياسي ۽ معاشي بحران به ملڪ ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين جاري آهي. انهن سڀني شين کي نظر ۾ رکندي ڪي ترميمون ڪجن ها ته ڏاڍو ڀلو ٿئي ها. ڇو ته هن وقت چئني صوبن ۾ تمام وڏي بيچيني ڇانيل آهي. جن به پارٽين 27 هين آئيني ترميم آندي آهي، انهن اليڪشن دوران ڇا پنهنجي مينيفيسٽو ۾ سا ڳالهه لکي هئي ته اسان آڳتي هلي آئين ۾ ترميم ڪنداسين؟ جواب ايندو ته نه. ستاويهين آئيني ترميم ۾ هڪ خاص طبقي رڳو پاڻ کي تحفظ ڏنو آهي. ستاويهين آئيني ترميم جيڪا سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ مان وڏي اڪثريت سان پاس ڪرائي وئي آهي. اها ترميم هاڻي مڪمل قانون جو حصو بڻجي وئي آهي. ستاويهين آئيني ترميم خلاف قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ليڊر محمود خان اچڪ زئي ۽ پي ٽي آئي سان لاڳاپيل ايم اين ايز ۽ سينيٽرن تمام سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اپوزيشن الائينس معني ” تحفظ ائينِ پاڪستان” پاران ستاويهين ترميم خلاف باقاعده احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهو اسان کي سمجهڻو پوندو ته آخر هن فيڊرل ڪانسٽيٽيوشنل ڪورٽ معني FCC ۾ آخرڪار اهڙي ڪهڙي ڳالهه آھي؟ يا ان جي ضرورت ڇو پيش آئي آهي؟ ڇا ستاويهين آئيني ترميم مٿي بيان ڪيل سڀني بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي يا رهندو ڪنهن ٻئي بحران کي جنم ڏيندي!

هن ترميمي بل ۾ ٽي ڪم ڪيا ويا آهن (1) قانون ۽ انصاف جي ڍانچي کي مڪمل تبديل ڪيو ويو آهي (2) فوج جي عهدن ۾ تبديلي آڻي ڪجهه نوان عهدا پيدا ڪيا ويا آهن (3) آئيني ڪور معني ته تا حيات ڇوٽ ڏني وئي آهي. ترميم ۾  جملي 49 حصا آهن، انهن مان 40 سڌي طرح FCC ڪورٽ سان لاڳاپيل آهن. سپريم ڪورٽ جي ڀيٽ ۾ مڪمل هڪ آئيني عدالت قائم ڪئي وئي آهي. اهو سڄو ڪم پ پ پ ۽ ن ليگ ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته سپريم ڪورٽ به بظاهر عوام جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، الٽو چونڊيل وزيراعظمن جا تختا پئي اونڌا ڪيا آهن. سدائين آمريتن جي سپورٽ پئي ڪئي آهي. FCC جي قائم ٿيڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڪوبه سو موٽو نٿي وٺي سگهي. سو موٽو هاڻي صرف FCC ئي وٺي سگهي ٿي اهو به تڏهن جڏھن ان کي درخواست ڪبي. سمجھه ۾ ائين پيو اچي ته سپريم ڪورٽ جو وجود هاڻي نالي ماتر ئي وڃي رهيو آهي. پ پ پ ۽ ن ليگ کي هاڻي پڪ آهي يا پڪ ڏني وئي آهي ته توهان ڳڻتي نه ڪريو اڳتي به اهڙو هائبرڊ سياسي نظام لاڳو ٿيندو، توھان ويٺا مزا ڪيو. FCC قائم ڪري عدالتي ڦندي کان به هميشه جي لاءِ جان ڇڏائي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ جي ڪافي ججن پنهنجي عهدن تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي.( معني ته اهو سلسلو هلندو رهندو، خبر ناهي ته ڪٿي دنگ ڪندو) حڪومت جو موقف اهو آهي ته سالن کان وٺي ڪيترائي ڪيس التوا جو شڪار آهن، تنهنجي ڪري آئيني عدالت جوڙي وئي آهي ته جيئن ڪيسن کي جلدي اڪلائي سگهجي. بهتر ائين هو انهن ئي عدالتن کي بهتر ڪري چيڪ بيلنس رکيو وڃي ها ته ڀلو ٿئي ها. ستاويهين ترميم جي آڙ ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو ويو آهي. پهرين چيو ويو ته ستاويهين ترميم جي اچڻ سان 18 ترميم رورس نه ٿيندي، اين ايف سي ايوارڊ تي ڪابه سودي بازي ڪانه ٿيندي.

اهڙو اظهار پ پ پ اڳواڻ بلاول زرداري پڻ ڪيو. ان قسم جون خبرون به ميڊيا تي هلايون ويون.ايئن ناهي ساليانو 500 ارب رپيا صوبن جي اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتي ٿيندي. آرٽيڪل A175 تبديلي ڪندي پهرين سينارٽي جي بنياد تي جج لڳايا ويندا هئا هاڻي ان جي جاءِ تي FCC جا جج مقرر ڪيا ويندا. آرٽيڪل A189 کي ختم ڪيو ويو آهي ھاڻي صدر سپريم ڪورٽ کان پڇڻ جي بغير ڪوبه فيصلو ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو. FCC جيڪو به فيصلو ڪندي اهو سڀني ڪورٽن تي لاڳو هوندو پر سپريم ڪورٽ +جو فيصلو ملڪ جي ڪنهن به عدالت تي لاڳو ٿي نٿو سگهي.

هاڻي سپريم ڪورٽ سڌي طرح سياسي ماڻهن جي حوالي ڪئي وئي آهي. ڏٺو وڃي ته جوڊيشري ۽ سياست ٻه الڳ الڳ سبجيڪٽ آهن. جيڪڏهن جوڊيشري سياسي ماڻهن جي حوالي ٿي ته پوءِ تمام وڏو نقصان ٿيندو. ن ليگ ۽ پ پ وڏي ٽيڪنيڪل طريقي سان گيم کيڏي ويون آهن. بجاءِ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي هنن ٻنهي جماعتن ملڪ کي ڀونچال طرف ڌڪيو آهي. آرٽيڪل 248 تحت صدر کي سڄي زندگي آئيني ڪور ملي چڪو آهي. معني ته اسان جيڪو ڪجهه ماضيءَ ۾ ٻڌو صدر زرداري ۽ شهباز شريف جي باري ۾ اهو سڀ غلط آهي هي زم زم جي پاڻيءَ سان ڌوتل آهن. صدر کي ڪير به هٿ لاهي نٿو سگهي ڀلي کڻي هڪڙي ڏينهن جي لاءِ صدر مقرر ٿيو هجي. ان تي ڪو به ڪرمنل ڪيس نٿو هلي سگهي. ڇوٽ اڳ ۾ به مليل هئي پر اها اها صرف ان عهدي جي ڏينهن تائين محدود هئي. هاڻي ته تاحيات مليل آهي. پهرين 26 آئيني ترميم  پوءِ ستاويهين آئيني ترميم وري هاڻي مٿان 28 وين ترميم به اچي پئي ان موجب ته ملڪ ۾ وڌيڪ نوان 12 صوبا ٺهندا. ڏٺو وڃي ته چئني صوبن جي هڪ تاريخي حيثيت ۽ اهميت رهي آهي. بجاءِ بحرانن کي ختم ڪرڻ جي حڪمران ملڪ وڌيڪ بحران طرف ڌڪي رهيا آهن. چئني صوبن ۾ وڏي بيچيني ڇانيل آهي. ملڪ ۾ رڳو پ پ پ ۽ ن ليگ جا ووٽر ٿوروئي آهن جو ويهي هاڃيڪار ۽ غلط فيصلا پيا ڪن.

هي حڪومت 2024ع جي چونڊن تحت وجود ۾ آئي آهي، انهن چونڊن جي شفافيت اڄ ڏينهن تائين سواليه نشان بڻيل آهي. پ پ پ ۽ ن ليگ جي حڪومت مڪمل طور تي پنهنجي اهميت وڃائي ويٺي آهي. بجاءِ ملڪ معاشي طور سگهارو ڪرڻ جي صرف پنهنجي لاءِ قانوني تحفظ ڳولهي رهيا آهن. ايندڙ وقت ۾ وڏو ڌمچر ٿيندي نظر پيو اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.