اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 27 هين ترميم کان پوءِ اهم آئيني ۽ عدالتي ادارن ۾ جوڙجڪ ۾ تبديليون ڪيون ويون آهي. انهن تبديلين تحت سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال خان مندوخيل کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل (اي ايس سي) ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وفاقي آئيني عدالت (ايف سي سي) جي جج جسٽس عامر فاروق کي جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان (جي سي پي) ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهن ٽن اهم قانوني ادارن ۾ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ججن جي حساب ڪتاب جو سڀ کان وڏو فورم آهي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي بينچن ٺاهڻ ۽ ڪيسن جي مقرر ڪرڻ جو ذميوار آهي، جڏهن ته جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري ڪندو آهي. سپريم ڪورٽ جي طرفان جاري ڪيل پريس ريليز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آئيني ڍانچي ۾ تبديلي کان پوءِ انهن ادارن کي نون قاعدن مطابق ٻيهر جوڙيو ويو آهي. پريس ريليز مطابق سپريم ڪورٽ جي ٻئي سينئر ترين جج جسٽس جمال مندوخيل کي چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي ۽ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان گڏجي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو ميمبر نامزد ڪيو آهي. هاڻي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان، وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان، جسٽس منيب اختر، جسٽس حسن اظهر رضوي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليه نيلم، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس جمال مندوخيل شامل هوندا. ترميم مطابق سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سربراهي چيف جسٽس آف پاڪستان يا وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس ۾ سينئر ترين جج ڪندو ۽ اهڙي صورتحال ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ان جو سربراهه رهندا. ان کان سواءِ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي ۾ پڻ جسٽس جمال مندوخيل کي شامل ڪيو ويو آهي، هاڻي هي ڪاميٽي چيف جسٽس، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس جمال مندوخيل تي مشتمل هوندي.اهڙي طرح وفاقي آئيني عدالت جي ٻئي سينئر جج جسٽس عامر فاروق کي چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت گڏجي جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر نامزد ڪيو آهي.