28هين آئيني ترميم به جلد منظور ٿي ويندي:راڻا ثناءُ الله

چنيوٽ(عوامي آواز رپورٽ)مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي مشير سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 28هين آئيني ترميم جلد پيش ڪئي ويندي ۽ اها به منظور ٿي ويندي،چنيوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن  چيو ته 28هين ترميم مڪمل طور تي عوامي مسئلن بابت آهي،هن چيو ته  آئيني ترميم پاس ڪرڻ پارليامينٽ جو حق آهي ۽ ججن حلف کنيو آهي ته هو آئيني طريقيڪار ۽ پارليامينٽ جي اختيارن جو تحفظ ڪندا،هن چيو ته ڪنهن به جج لاءِ مناسب ناهي ته هو پاڻ کي سياسي احتجاج ۾ ملوث ڪري،جيڪي جج استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن، انهن جا ذاتي مقصد آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.