لاهور(معظم فخر)28هين ترميم پ پ لاءِ سخت امتحان جو وقت هوندو،ڇو ته ان ۾ مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ جي رٿا شامل آهي،نئين ترميم ۾ مشرف دور جهڙي بلدياتي نظام کي ٻيهر لاڳو ڪرڻ جون تياريون هلي رهيون آهن،18هين ترميم ۾ مڪاني نظام بابت ڪيل ترميم واپس ورتي پئي وڃي،صوبا هاڻي پنهنجي”سهولت“ جي حساب سان مڪاني نظام نه جوڙي سگهندا،بلديات هاڻي وفاقي سبجيڪٽ هوندو،مڪاني نظام ۾ صوبائي حڪومتن جي مداخلت کي گهڻي حد تائين گهٽايو ويندو،ان کان علاوه طاقتور اين ايف سي ايوارڊ ۾ به تبديليچاهين ٿا،ان ڪري اين ايف سي جي نئين فارمولي بابت گهرايل اجلاس ملتوي ڪيو ويو هو،28هين ترميم ۾ صوبن جو انگ وڌائي 12 ڪيو ويندو،هن وقت مسلم ليگ نواز جي حڪومت ۽ وزيراعظم شهبازشريف لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ ”اول فرض“بڻيل آهي،27هين ترميم جي منظوري مهل قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ بلاول ڀٽو وڏي واڪي چيو هو ته ارڙهين ترميم کي ڪنهن جو پيءُ به نٿو ڇيڙي سگهي پر هن وقت صورتحال سندس ان ڳالهه جي ابتڙ هلي رهي آهي،نئين ترميم ۾ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جو منصوبو شامل آهي،ٻئي پاسي نامياري صحافي سهيل وڙائچ پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي اڳڀراين سان سياسي طبقي ۾ خوف پيدا ٿي چڪو آهي،انهن لاءِ اسپيس ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي،طاقتور پراڻي نظام کان تنگ اچي چڪا آهن،چين ۽ سعودي عرب طرز جهڙو نظام اچي سگهي ٿوذريعن موجب پ پ هن ترميم لاءِ راضي نه ٿي ته پوءِ پلان بي موجود آهي جنهن ۾ تحريڪ انصاف لاءِ شايد سسٽم ۾ گنجائش نڪري وڃي،ن ليگ ته هن ترميم لاءِ تيار نظر اچي ٿي پر ڏسڻو پوندو ته پ پ يا پي ٽي آءِ مان ڪير مزاحمت ڪري ٿو