27 هين ترميم خلاف مزاحمت جي اڀرندڙ نئين لهر

تحرير: غلام حسين لغاري

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان 27 هين ترميم جي پاس ٿيڻ ۽ ان تي صدر مملڪت پاران فوري طور صحيحيون ڪرڻ وارو رونشو سڀني ڏٺو۔ احتجاج به ٿيا ته ڌرڻا به هنيا ويا ۽ ريليون به ڪڍيون ويون۔سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر ۾ چڪريون به ٿيندي نظر آيون تنهن هوندي به حڪومت 27 هين ترميم پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي۔پي ٽي آءِ ۽ انجي اتحادين ماضي جيان هن ڀيري به ترميم جي مخالفت ۾ گهڻو ڪجهه رڙيو پر ڪجهه به ڪري نه سگهيا حڪومت پوءِ به پنهنجو ڪم ڪڍي وڃڻ ۾ ڪامياب وئي۔صدر ضيا الحق پاران 73 جي متفقه آئين ۾ ترميمن جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو هو اهو هن دور حڪومت ۾ ڪجهه اڳڀرو ڏسڻ ۾ مليو آهي ڏسجي ته باقي گهڻيون ترميمون ٿيڻ وينديون.  بهرحال هن ڀيري جيڪي به ترميمون ٿيون آهن ملڪ قوم ۽ جمهوريت  لاءِ سٺو سنئوڻ شايد ئي ثابت ٿين۔27 هين ترميم تي جمهوريت پسند سياسي ڌرين خود ججن وڪيلن ۽ عوام کي پنهنجي جاءِ تي خدشا آهن جن جو اظهار مختلف اندازن ۾ جاري آهي۔

صدر مملڪت آصف علي زرداري 27 هين ترميم جي مسودي تي صحيحيون ڪرڻ سان ان تي باقائده عمل شروع ٿي چڪو آهي هڪ پاسي نوٽيفڪيشنن نڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي ته ٻئي پاسي ججن پاران ترميم تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي استعيفائن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي سينئر ججن جسٽس سيد منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جون استعفائون سامهون اچي چڪيون آهن. سنڌ واسي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ ٻين ججن جا جيڪي بيان ۽ لکيا ويندڙ خط سامهون آيا آهن تن مان لڳي ٿو 73 واري آئين جا حامي ۽ عدليه جي آزادي تي يقين رکندڙ ٻيا به جج استعفائون ڏين ,جيڪڏهن استعفائن ڏيڻ جو سلسلو وڌي ٿو اهو انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو جنهن سان هڪ نئين مزاحمت جي راهه هموار ٿيندي ملڪ مشڪلاتن ۽ نون مسئلن طرف ڪر کڻندو۔هن ترميم وسيلي اقتداري ايوانن ۾ ويٺل ڌرين کي ضرور فائدو پهتو آهي جو کين ڪرسين جي مدي ۾ واڌ ملي آهي تاحيات سندن ڪڙو احتساب ٿي نه سگهندو نه وري گرفتار ٿي سگهندا۔اسان يا عوام پنهنجي پاڪ فوج کي آئيني حدود ۾ آڻڻ جا مخالف ناهيون جو اها ملڪ جر دفاع جو هڪ اهم ستون آهي ان کي به آئين جي دائري ۾ آڻڻ هڪ مثبت فيصلو آهي۔بري بحري ۽ فضائي فوج جي گڏيل ڪمانڊ وارو فيصلو به ڪا غلط ڳالهه ناهي هن سان پاڪ فوج مضبوط مستحڪم ٿيندي۔

ترميم ۾ هڪ ڳالهه جي ڪمي ضرور آهي جنهن تي سياسي ۽ جمهوري ڌرين کي اعتراض آهن ته جڏهن هنن کي آئين جو حصو بڻايو پيو وڃي ته آئين موجب سندن احتساب به هجڻ گهرجي ها۔مدت ملازمت وڌائڻ جو ڪو به جواز نه هو۔دنيا ۾ صدر مملڪت کي مٿانهون سمجهيو وڃي ٿو پر انجو احتساب به ٿيندو آهي گرفتار به ٿيندا آهن جيل به ويندا آهن جيڪا ڳالهه جمهوريت جو حسن هوندي آهي پر پاڪستان ۾ تاحيات صدر کي ڇوٽ ڏيڻ ملڪ جي آئين ۽ جمهوريت سان هڪ مذاق ۽ تضاد آهي۔ميثاق جمهوريت جو معاهدو ڪندڙن کان ڪير پڇا ڪري ته اهڙين هڪ طرفين ترميمن سان جمهوريت جي ڪهڙي ۽ ڪيتري مضبوطي ٿيندي يا ٿي آهي۔سياسي ڌرين ته خود جمهوريت ۽ آئين جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي۔جڏهن ڪنهن جو احتساب نه ٿيندو ته ملڪ بدعنوانين ۽ ناانصافين طرف وک وڌائيندو جنهن جو فائدو ملڪ ۽ قوم کي نه پر  اقتداري ايوانن ۾ ويٺل ڌرين کي ئي پوندو ۽ عام ماڻهو بک بيروزگاري جو شڪار ٿيندو۔جمهوريت ۽ آئين ۾ هر ماڻهو کي آزادي هجڻ گهرجي کين هڪجههڙا موقعا ۽ رعايتون ملڻ گهرجن ڪجهه ماڻهن کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ جا اڳرا نتيجا نڪرندا آهن ۽ گذريل 78 سالن ۾ نڪتا آهن ملڪ لوڙيو آهي ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿيو آهي۔ملڪ جا وسيلا ڌارين جي استعمال هيٺ آهن هي ڪهڙو ملڪ آهي جنهن کي پنهنجا وسيلا هوندي به بي وسيلو نظر به اچي عام ماڻهو بک پيو مري کين انصاف نٿو ملي۔

 هن وقت اها صورتحال آهي جو جمهوريت ۽ آئين کي بچائڻ  لاءِ سياسي ڌريون ناڪام ۽ وڪرو ٿي چڪيون آهن جڏهن ته هن ملڪ جا جج وڪيل ۽ رٽائرڊ جنريل ميدان تي نڪرڻ جا سانباها پيا ڪن جيڪڏهن اهي نڪتا ته عام ماڻهو به نڪرندو ۽ هڪ نئين طاقت نئين قيادت اڀري سگهي ٿي۔جيڪڏهن اهي تحرڪ ۾ آيا ته ملڪ هڪ نئين انقلاب طرف وڌندو جيڪو ممڪن نظر اچي رهيو آهي وري احتساب به ٿيندا ته 73 وارو آئين به بحال ٿيندو ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر جمهوريت جي پٽڙي تي چڙهي سگهي ٿو۔اسان کي نٿو لڳي ته پ پ پ ۽ ن ليگ 27 هين ترميم وسيلي پنهنجو وجود برقرار رکندي هاڻ ته سندن ووٽ بئنڪ ڪمزور ٿيندو۔

رهيو سوال وڪيلن جو ته انهن ۾ به ننڍا ننڍا گروپ آهن جيڪي حڪومت ۽ اقتداري ڌرين کي سپورٽ ڪن ٿا جنهن سان به سندن جدوجهد کي ڪمزور ڪري ٿي۔عام راءِ اها آهي ته ڪجهه سياسي ۽ قوپرست ڌڙا بظاهر ته عوام سان گڏ آهن پر عام راء اها آهي ته اهي ايجنسين جو حصو آهن۔ٻٻر لوء وارو ڌرڻو انتهائي ڪامياب ويو هو جيڪڏهن اهو اڃا ڪجهه ڏينهن جاري رهي ٿا ته شايد وفاق جون اکيون کلي وڃن ها پر ڌرڻو جنهن نموني ختم ٿيو انجي پويان به ڪجهه راز ٻڌايا پيا وڃن جنهنڪري وفاق جون اکيون کلڻ کان رهجي ويون۔وڪيل به سياسي پارٽين جو حصو آهن۔جيڪڏهن وڪيل ملڪ جي آئين ۽ قانون جا وفادار آهن ته پوءِ کين سياسي پارٽين سان لاتعلقي جو اظهار ڪرڻو پوندو۔پ پ پ کي گهرجي ته اها شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آئين جي پاسداري ڪري جنهن ۾ ئي جمهوريت جو روح سمايل آهي باقي سياسي هٿڪنڊن سان کين ڪجهه به نه ورندو۔اقتدار ڪا به معني نٿو رکي آئين ملڪ ۽ قوم سڀ ڪجهه آهي۔بهرحال سياسي قيادت وڪيل جج ۽ طاقتور ڌريون پاڻ ۾ هڪ هنڌ ڪٺا ٿين سياسي ڊائلاگ ڪن ملڪ کي سياسي آئيني ۽ قانوني بحران مان ٻاهر ڪڍڻ  لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن هر ادارو مستحڪم ٿئي جنهن سان ملڪ کي مستقبل ۾ ڪو اڻوندڙ واقعو ڏسڻو نه پوي۔

ججن پاران ترميم تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي استعيفائن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي سينئر ججن جسٽس سيد منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جون استعفائون سامهون اچي چڪيون آهن. سنڌ واسي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ ٻين ججن جا جيڪي بيان ۽ لکيا ويندڙ خط سامهون آيا آهن تن مان لڳي ٿو 73 واري آئين جا حامي ۽ عدليه جي آزادي تي يقين رکندڙ ٻيا به جج استعفائون ڏين ,جيڪڏهن استعفائن ڏيڻ جو سلسلو وڌي ٿو اهو انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو جنهن سان هڪ نئين مزاحمت جي راهه هموار ٿيندي ملڪ مشڪلاتن ۽ نون مسئلن طرف ڪر کڻندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.