”دائود ابراهيم جي ڊرگ پارٽين ۾ نورا فتحي ۽ شرڌا ڪپور جي شرڪت“ نئين اسڪينڊل ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

انڊر ورلڊ ڊان دائود ابراهيم جي مبينا ڊرگ پارٽين جي جاچ دوران بالي ووڊ جي مشهور شخصيتن نورا فتحي ۽ شرڌا ڪپور سميت ڪيترن ئي اداڪارن جا نالا سامهون آيا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي پوليس جي اينٽي نارڪوٽڪس سيل دائود ابراهيم سان سلهاڙيل هڪ مبينا ڊرگ سنڊيڪيٽ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي سليم ڊولا هلائيندو هو.
ان ڪيس ۾ سليم ڊولا جي پٽ طاهر ڊولا جي بيانن کانپوءِ شرڌا ڪپور، نورا فتحي، سڌارٿ ڪپور ۽ بالي ووڊ جي ٻين مشهور شخصيتن جا نالا سامهون آيا آهن.
اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته پڇا ڳاڇا دوران طاهر ڊولا ٻڌايو ته هو ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ ڊرگ پارٽيون منعقد ڪندو هو، جنهن ۾ دائود ابراهيم جي ڀاڻيجي عليشا پارڪر کانسواءِ فيشن ۽ فلمي شخصيتون به شريڪ ٿينديون هيون.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهو سمورو نيٽ ورڪ ٻاهرئين ملڪ مان سليم ڊولا هلائيندو هو، سندس پٽ طاهر ڊولا کي آگسٽ ۾ ٻاهرئين ملڪ مان واپس ڀارت آندو ويو هو.
طاهر ڊولا مبينا طور تي جاچ ڪندڙن کي ٻڌايو ته بالي ووڊ اداڪارائون، ماڊلز، ريپرز، فلم ساز ۽ دائود ابراهيم جا مائٽ به انهن پارٽين ۾ شرڪت ڪندا هئا.
بالي ووڊ ۾ سامهون ايندڙ ان نئين تڪرار تي سڀ کان اڳ نورا فتحي جو بيان سامهون آيو آهي، جنهن انسٽاگرام تي لکيو ته ”مان پارٽين ۾ ناهيان ويندي پر مسلسل سفر ۾ رهندي آهيان، مون کي پنهنجي شعبي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪرڻو هوندو آهي، مان پاڻ کي اهڙن ماڻهن سان ناهيان جوڙيندي، موڪلن دوران دبئي جي ڪناري تي يا پنهنجي هاءِ اسڪول جي دوستن سان گڏ وقت گذاريندي آهيان“.
هن وڌيڪ لکيو ته ”جيڪو ڪجهه به ڇپيو آهي ۽ توهان پڙهي رهيا آهن ان تي يقين نه ڪيو، لڳي ٿو ته منهنجو نالو هڪ آسان هدف بڻجي ويو آهي پر هن ڀيري مان ائين ٿيڻ نه ڏينديس، ماڻهن منهنجو نالو استعمال ڪري پنهنجو ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منهنجو نالو اهڙن ماڻهن سان جوڙيو، جن سان منهنجو ڪو واسطو ناهي“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.