اهڙو مڙس کپي، جيڪو خيال رکندڙ، بردبار ۽ پنهنجي شعبي ۾ لڳاءَ سان ڪم ڪندڙ هجي: انيقا ذوالفقار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا انيقا ذوالفقار پنهنجي مستقبل جي جيون ساٿي بابت پسند ۽ ترجيحون واضح ڪري ڇڏيون.
ڪينيڊا مان شوبز ڪيريئر شروع ڪندڙ انيقه اڄڪلهه ڊرامن ۾ جاندار اداڪاريءَ سبب مقبوليت ماڻي رهي آهي.
هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مان هن وقت سنگل آهيان ۽ پنهنجي مرضي سان ڪنهن رشتي ۾ نٿي وڃڻ چاهيان پر مستقبل ۾ شريڪ حيات جي حوالي سان واضح ترجيحون موجود آهن.
سندس چوڻ هو ته مون کي اهڙو مڙس کپي، جيڪو خيال رکندڙ هجي، بردبار، ڪاوڙ کان پري، خوبصورت ۽ پنهنجي شعبي ۾ جذبي ۽ لڳاءَ سان ڪم ڪندڙ هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.