اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته جڏهن ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ ماڻهو جج بڻجي ويندا آهن ته اهي رياست جي ان ٿنڀ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن سان اداري تي اعتماد گهٽجندو آهي ۽ عوام متاثر ٿيندو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته اهڙا جج جيڪي رڳو عوامي سطح تي پروفائل وڌائڻ لاءِ فيصلا ڪندا آهن، انهن کي عدالت ڇڏي سياست ۾ اچڻ گهرجي.
هن چيو ته ججن کي سالن تائين اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ ۽ پوءِ ڪيس خارج ڪرڻ جو اختيار نه هجڻ گهرجي، خاص طور تي جڏهن ان سان حڪومت جي آمدني متاثر ٿئي، ڇو ته ان سان قومي ناڻي کي اربن جو نقصان ٿيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهڙن ججن لاءِ ڪو نظام هجڻ گهرجي، جيڪي ذاتي مفاد لاءِ قانون جي غلط تشريح ڪن.
خواجا آصف چيو ته ججن کي گهرجي اهي وڌيڪ ٻڌن، مداخلت گهٽ ڪن ۽ وڪيل جي مدد سان فيصلو ڪن، جيئن قانوني نظامن ۾ صدين کان ٿيندو آهي.
هن چيو ته ججن جي مقرري ۾ انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهڙن ماڻهن کي عدليا ۾ آندو وڃي، جيڪي عام شهري کي انصاف فراهم ڪرڻ جي مقصد تي ڌيان ڏين.
You might also like