نيب چيئرمين دبئي پهتل،ملڪ رياض سان ڳالهيون؟

اسلام آباد( راھد گشڪوري )حڪومت 28هين ترميم تي ڪم شروع ڪري چڪي آهي ۽ ان جو آئيني پيڪيج تي بحث جاري آهي۔ قابل اعتبار ذريعن موجب، هڪ سول شخصيت کي پنج سال جي ٻي مدي لاءِ مقرر ڪرڻ جو منصوبو آهي، جيڪو 28هين ترميم جو اهم حصو هوندو۔ان ترميم ۾ ٻين اهم پهلوئن تي به بحث ٿي رهي آهي، جهڙوڪ:اليڪشن ڪميشن جي موجوده چيئرمين سڪندر سلطان راجا کي ٻئي مدي لاءِ مقرر ڪرڻ،چيئرمين جي اختيارن ۽ پارليامينٽ ۾ ان جو مدو (5 سال) تي غور،پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ ون پرسنٽ ٽيڪس جي ترتيب،ٻٽي شهريت وارن ملازمن جي حوالي سان آئيني ترميم،نون صوبن جي قيام بابت بحث۔اهي سڀئي مسئلا آئيني پيڪيج جو حصو آهن، ۽ ان تي ايندڙ ٽن هفتن ۾ فيصلو متوقع آهي،ٻئي پاسي نيب  چيئرمين جنرل نظير بٽ ڪيترن ڏينهن کان دبئي ۾ آهن۔ذريعن موجب، ملڪ رياض ۽ سندس خاندان سان ڪجهه ڊيل جون ڳالهه ٻولهه ٿي رهيون آهن، جنهن جو مقصد ميڊيئيشن يا بارگيننگ ٿي سگهي ٿي۔ساڳئي وقت نيب جي آفيس ۾ ڪجهه حڪومتي دٻاءُ ۽ اضافي ريفرنس فائلنگ جو عمل جاري آهي۔ڪجهه رپورٽن موجب، نيب چيئرمين کي حڪومت طرفان هڪ  ٻيو مدو ڏيڻ جو امڪان پڻ آهي، جيڪا سندن ڪارڪردگي ۽ تاريخ ۾ رڪارڊ قائم ڪري سگهي ٿي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.