اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف سپريم ڪورٽ مستعفي ججن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته 27هين ترميم پاس ٿي وئي، جنهن خلاف احتجاجي طور ٻن ججن استعيفيٰ ڏني، نواز شريف کي اقتدار تان هٽائڻ جو عمل شروع ٿيو ته سپريم ڪورٽ جا جج سازش ۾ شامل ٿي ويا، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ٻه بينچون جوڙيون، جن اڳوڻي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏنو.
هن چيو ته انهن بينچن ۾ آصف سعيد کوسا، گلزار احمد، اعجاز الاحسن شامل هئا، نواز شريف جي نااهلي کانپوءِ هڪ ٻي بينچ جوڙي وئي، جنهن طئي ڪيو ته نااهلي ڪيتري هوندي، بينچ قرار ڏنو ته ڪو نااهل شخص ڪنهن سياسي جماعت جو سربراهه نٿو بڻجي سگهي، هر سياسي ڪيس ۾ اهي ئي ڪجهه جج سامهون ايندا رهيا.
سندس چوڻ هو ته ڪالهه ٻن ججن جي غيرت جاڳي پئي پر جڏهن ڪينگرو ڪورٽ ٺاهي نواز شريف کان انتقام ورتو ويو ته ان وقت ڪنهن جي غيرت نه جاڳي، مستعفي ٿيندڙ ٻئي جج ان وقت سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ويٺا هئا، جيڪي ڏوهه انهن ماضي ۾ ڪيا، اهي انهن جي ذهنن مان ختم ٿي ويا؟
خواجا آصف چيو ته جسٽس اطهر من الله کي جمهوريت جو خيال آيو پر هو پرويز مشرف جي ڪيبنيٽ ۾ شامل هو، جڏهن ته سندس ماءُ جنرل ضياءَ جي دور ۾ مجلس شوريٰ ۾ شامل هئي، اڄ ان جو ضمير ان ڪري جاڳيو ته آئين جي بالادستي قائم ٿي آهي، انهن ججن جو ضمير ڏهاڪن کان سُتل هو، اڄ پُڇ تي پير آيو ته انهن کي شاعري ياد اچي وئي، مان انهن جي ماضي کي ڄاڻان ٿو، اڌ رات جو 52 قانون پاس ٿيا، اڌ رات جو اسيمبلي کي ٽوڙيو ويو، ان وقت انهن جي غيرت ڪٿي هئي؟
”پُڇ تي پير آيو ته انهن کي شاعري ياد اچي وئي“ خواجا آصف جي مستعفي ٿيندڙ ججن تي ڇتي تنقيد
Prev Post
You might also like