سياري ۾ ڳُڙ ضرور کائو

ڳڙ کي طبي خاصيتن جو ذخيرو سمجهيو ويندو آهي، اهو هڪ اهڙو سپر فوڊ آهي، جنهن کي ماڻهو اڪثر سياري ۾ استعمال ڪندا آهن.
ڳڙ کي کنڊ جو صحتمند متبادل سمجهيو ويندو آهي، ڇو ته ان کي ڪمند يا خارڪ جي رس مان تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ قدرتي معدنيات ۽ وٽامنز هوندا آهن.
ان ۾ آئرن، ڪيلشيم، پوٽاشيم ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن، جيڪي ريفائنڊ شگر ۾ ناهن هوندا.
ڳڙ ۾ کنڊ جو مقدار وڌيڪ هجڻ سبب ان کي توانائي جو سٺو ذريعو سمجهيو ويندو آهي، ڳڙ اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هوندو آهي، جيڪو جسم ۾ نقصانڪار ريڊيڪلز سان وڙهڻ ۾ مدد ڪندو آهي، اهو ڪينسر ۽ دل جي مرضن جي خطري کي گهٽ ڪندو آهي.
ڳڙ ۾ فاسفورس، ڪيلشيم، پوٽاشيم، فولڪ ايسڊ، ميگنيشيم ۽ آئرن جهڙا غذائي جزا هوندا آهن، جيڪي صحت لاءِ فائديمند تصور ڪيا ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.