بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي مان ڊراپ ڇو ٿيو؟ عاقب جاويد خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي جي ڊائريڪٽر آف هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد ماضي ۾ بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي مان ڊراپ ڪرڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هڪ انٽرويو دوران عاقب جاويد چيو جڏهن توهان ڪنهن عهدي تي ڪم ڪندا آهيو ته تنقيد به ٿيندي آهي، مان سدائين رانديگرن کي چوندو آهيان ته تعريف يا تنقيد جو دارومدار ڪارڪردگي تي آهي، جيڪڏهن توهان سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندئو ته ڪير تنقيد نه ڪندو، جيڪڏهن خراب پرفارمنس هوندي ته ماڻهو تنقيد ڪندا.
هن چيو ته بابر اعظم کي ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو سڀني جو هو، مان اڪيلي اهو فيصلو نه ڪيو، ماڻهو چون ٿا ته منهنجو بابر اعظم سان ذاتي مسئلو آهي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته مان ڇا بابر کي رڳو هڪ فارميٽ مان ڊراپ ڪيان ها؟
سندس چوڻ هو ته مان ڪير ٿيندو آهيان ڪنهن به رانديگر جي چونڊ يا ڊراپ ڪرڻ وارو، اهي اجتماعي فيصلا هوندا آهن، مان ان سطح تي ناهيان جو ذاتي بنيادن تي ڪنهن جي حمايت يا مخالفت ڪيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.