27هين ترميم غير آئيني قرار، ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۽ مارچ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد 27هين ترميم کي غير آئيني قرار ڏيندي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو ۽ اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ جمعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.
محمود اچڪزئي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اختر مينگل، علامه راجا ناصر عباس، شاهد خاقان عباسي، اسد قيصر، بيرسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب اهي ترميمون آئين جي بنيادي ڍانچي ۽ عدليا تي حملو آهن، جنهن خلاف جمهوري مزاحمت جاري رهندي.
پڌرائيءَ ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله کي استعيفيٰ ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پنجاب اسيمبلي کان لاهور هاءِ ڪورٽ تائين مارچ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته لاهور ۾ وڪيلن جي احتجاج ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين، جڏهن ته ايندڙ جمعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.