ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ اڄ لاٿ سامهون آئي آهي.
ملڪ ۾ في تولو سون هڪ هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 34 هزار 762 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 857 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 72 هزار 738 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 10 ڊالر گهٽجڻ سان 4124 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
You might also like