اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته اڄ هن ايوان قومي اتحاد کي هٿي ڏني، آئيني عدالت جي قيام سان بينظير ڀٽو جي روح کي سڪون مليو هوندو، اڃا اسان کي گهڻا معاملا طئي ڪرڻا آهن پر مشاورت بنا 18هين ترميم ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي.
آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ تقرير ڪندي وزيراعظم چيو ته اختلاف اپوزيشن جو حق آهي ۽ اسان ان جو احترام ڪيون ٿا، اسان کي گارگند ۽ ڏڦيڙ جي سياست ختم ڪرڻي پوندي، هن وقت الله پاڪ پاڪستان کي جيڪا عسڪري ۽ سفارتي محاذ تي عزت ڏني آهي، اها اڳ ۾ نه هئي.
هن چيو ته معرڪه حق کانپوءِ جڏهن اسان آرمي چيف کي فيلڊ مارشل جو اعزاز ڏنو ته قوم ان کي ساراهيو، هاڻ جڏهن آئين ۾ ان کي شامل ڪيو پيو وڃي ته ڪهڙي بري ڳالهه آهي، قومون پنهنجي هيرن کي ائين ئي عزت ڏينديون آهن.
سندس چوڻ هو ته مان هر ان شئي جي خلاف آهيان جيڪا وفاق کي ڪمزور ڪري، ڪالا باغ ڊيم ملڪ جي مفاد ۾ آهي پر ان سان وفاق ڪمزور ٿيڻ جو خطرو آهي، تنهن ڪري مان ان جي حق ۾ ناهيان.
شهباز شريف چيو ته اسان جي ۽ بلاول ڀٽو جي سوچ ۾ ڪو فرق ناهي، اتفاق راءِ بنا 18هين ترميم ۾ ڪا تبديلي نٿي ٿي سگهي، اسان ڪجهه معاملن تي ويهي ڳالهائينداسين.
”اڄ بينظير ڀٽو جي روح کي سڪون مليو هوندو، مشاورت بنا 18هين ترميم ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي“
Next Post
You might also like