اردو ٻوليءَ جي وڏي شاعر مرزا اسدالله غالب چيو هو ”موت جو هڪ ڏينهن مقرر آهي“، ۽ هڪ عام چوڻي آهي ته جڏهن ڪنهن جي موت جي ڪوڙي خبر ڦهلائي ويندي آهي ته شايد ان جي حياتي وڌي وڃي، پر حقيقت ۾ اهڙيون خبرون بيمار ۽ زندگيءَ موت جي ٻه واٽي تي بيٺ شخص جي گهرڀاتين لاءِ گهڻو رنج جو سبب بڻجن ٿيون.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان ليجنڊري بالي ووڊ اداڪار ڌرميندر سان اهڙي ئي صورتحال پيش آئي، جنهن سبب سندس مداحن سخت صدمو محسوس ڪيو.
ڪجهه ڏينهن کان بالي ووڊ اداڪار ڌرميندر جي وفات جون خبرون وائرل ٿيڻ لڳيون، ڪيترن ڀارتي ميڊيا هائوسز اهڙيون خبرون ڇاپيون ۽ تعزيتي پيغام نشر ڪيا.
ڀارتي بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگهه به کيس ڀيٽا پيش ڪئي، پر پوءِ کيس پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ هٽائڻي پئي ۽ اتر پرديش جي وڏي وزير يوگي آديتا ناٿ پڻ تعزيتي پيغام جاري ڪيو.
ناليواري ڀارتي صحافي راجديپ سرديسائي ۽ شاعر/ليکڪ جاويد اختر به پنهنجي ٽوئيٽن ۾ ڌرميندر جي وفات جي تصديق ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو.
ان کانپوءِ ڌرميندر جي ڌيءَ ايشا ديول انسٽاگرام تي پوسٽ شيئر ڪندي اهڙين خبرن کي رد ڪيو، جڏهن ته سندس گهرواري ۽ اداڪارا هيما مالني به ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ تي ڀارتي ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي.
هيما مالني پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته ”جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو معاف ڪرڻ جوڳو عمل ناهي! ذميوار چينلز ڪيئن هڪ اهڙي شخص بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙي سگهن ٿا، جيڪو علاج هيٺ آهي ۽ هوريان هوريان صحتياب ٿي رهيو آهي؟“
هن وڌيڪ چيو ته ” هي تذليل جوڳو ۽ غير ذميواراڻو عمل آهي، مهرباني ڪري اسان جي خاندان کي رازداري ڏيو.“
واضح رهي ته ڌرميندر ساهه جي تڪليف ۽ نمونيا سبب سخت بيمار هو ۽ کيس ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪرايوويو هو.
پر اربع جي صبح اسپتال انتظاميا طرفان بيان جاري ڪيو ويو ته اداڪار کي ڪٽنب جي خواهش تي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو ۽ هاڻي سندس علاج گهر ۾ جاري رهندو.
بريچ ڪينڊي ۾ ڌرميندر جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ٽيم مان هڪ ڊاڪٽر پرتيڪ صمداني ميڊيا ڳالهائيندي چيو ته اڄ صبح ڌرميندر کي گهر منتقل ڪيو ويو.
ڌرميندر جي صحت بابت سوال تي ڊاڪٽر صمداني رڳو ايترو چيو ته ”مان ان کان وڌيڪ ڪجهه نه ٿو ٻڌائي سگهان ۽ کيس گهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو خاندان جو هو.“
هيما مالني جي سوشل ميڊيا پوسٽ تي ڪيترن ئي ماڻهن لکيو ته ميڊيا کي پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي.
بٽو شرما نالي هڪ واهپيدار سوال اُٿاريو ته ”جڏهن پاڻ مٿان گذري ته ڏُک ٿيو، 11 سالن دوران اهو احساس نه ٿيو ته ميڊيا ڪوڙ کي هوا ڏئي آهي؟“
هڪ ٻئي صارف لکيو ته ” هي سچ پچ افسوس جوڳو عمل آهي ۽ اهو ٻڌي خاندان ڪهڙي ڪرڀ مان گذريو هوندو، ان تي افسوس ٿئي ٿو“، پر ٽوئيٽر تي شڪايت ڪرڻ بدران جڏهن توهان جي ذاتي محاذ تي معاملا طئي ٿي وڃن ته ياد رکو ته توهان حڪومت ۾ آهيو، انڪري سخت محنت ڪريو ۽ ميڊيا ريفارم بل آڻڻ تي زور ڏيو.“
پون يادَو نالي هڪ واهپيدار لکيو ته” اسان جي ميڊيا وٽ ايترو وقت ناهي ته هو خبر جي تصديق ڪري يا رپورٽ ڪرڻ کان اڳ حقيقتن کي چيڪ ڪري، بس ٽي آر پي حاصل ڪرڻ جي وٺ وٺان لڳي پئي آهي، توهان انهن جي مالڪن کي فون ڪريو.“
سوشل ميڊيا تي هيما مالني جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ ماڻهن کيس ميڊيا جي ذميوارين ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي صلاح ڏني ۽ ڪجهه واهپيدارن ڌرميندر ۽ سندس يادگار فلمن جو ذڪر پڻ ڪيو.
هڪ واهپيدار صحافي اڀيسار شرما جي معافي واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ” هاڻي سڀ معافي وٺندا، پر ڪنهن کي معافي نه ملندي.“
اڀيسار شرما چيو هو ته کائنس غلطي ٿي وئي، پر ڌرميندر ته بي جي پي جي پارليامينٽ ميمبر هيما ماليني جو مڙس آهي، ڇا راج ناٿ سنگهه يا يوگي آديتيا ناٿ کي خبر نه هئي ته جو انهن ڌرميندر کي شرڌانجلي(ڀيٽا) ڏني؟
ڪجهه ماڻهو ڌرميندر جي تصوير سان گڏ لکي رهيا آهن ته ” جيئرو آهيان، ٽي آر پي جي چڪر ۾ ڪلاڪ ڪلاڪ ۾ مون کي مارڻ بند ڪريو.“
هڪ صارف لکيو ته ”هاڻي وڪيپيڊيا تي به ڀروسو ناهي رهيو، سڀ ڪوڙيون خبرون هلائن ٿا.“
ٻئي پاسي شاهه رخ، سلمان ۽ عامر خان به ڌرميندر جي عيادت لاءِ اسپتال پهتا.
سلمان خان، جيڪو ڌرميندر کي پنهنجو آئيڊيل مڃيندو آهي، سومر جي شام دير سان بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ ڏٺو ويو.
ڌرميندر سان ڪيئي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار گووندا پڻ رات دير سان ڌرميندر سان ملاقات لاءِ اسپتال پهتو.
پر اڄ خبر سامهون آئي آهي ته ڌرميندر کي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو، جڏهن ته گووندا ساهه جي تڪليف سبب اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
مشهور اداڪار عامر خان ۽ سندس گرل فرينڊ گوري پريٽ به سومر ڏينهن ڌرميندر جي عيادت لاءِ اسپتال پهتو هو.
You might also like