ميرپورخاص ڀرسان گم ٿيل معصوم ٻارڙي قتل، ٻوري بند لاش هٿ

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ڀرسان 6 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل پھرين ڪلاس جي معصوم شاگردياڻي 8 ورھين جي آمنا ڪنڊاڻي بيدردي سان قتل، ٻوري بند  لاش ھٿ، ڊينگاڻ ۽ تعلقي پوليس پھچي لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارواين بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ، امڙ ۽ والد کي بيھوشيءَ  جا دورا علائقي ۾ ڏک جي لھر ڇانيل رهيو، مقتول نياڻي جي والد غلام حيدر ڪنڊاڻي جو چوڻ ھو 4 تاريخ تي معصوم نياڻي اسڪول وئي ۽ اسڪول مان واپس موٽندي گم ٿي وئي اھڙي دانهن پوليس سميت علائقي جي ھر ماڻهو کي ڏني پر ڪنهن نياڻي جي ڳولا ۾ مدد نه ڪئي، ظالم جوابدارن معصوم نياڻي کي بيدردي سان تشدد بعد ڦاھو ڏئي قتل ڪري لاش ٻوري ۾ بند ڪري اماڻيو، آئون ستن سالن کان جھلوري جي عوام جي خدمت ڪري ٻارڙن کي ديني تعليم ڏئي سندن ٻچڙن کي روشنين جي طرف وٺي وڃي رھيو هئس سندن ڏنل ڏک سڄي زندگي ياد رھندو، وس وارن کي اپيل آھي معصوم نياڻي جي لاش سان انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن مقتول معصوم شاگردياڻي جي لاش کي پيرونمل ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ تاج محمد ڪيريو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف ايس ايس پي ميرپورخاص جو چوڻ آھي ته معصوم نياڻي جي گم ٿيڻ بعد ڳولا ۾ مدد نه ٿيڻ تي ڏک پهتو آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

  1. گهرو وزير آمنا ڪنڊاڻي جي قتل جو نوٽيس ورتو

ڪراچي (رپورٽر) ميرپورخاص ۾ معصوم ٻارڙي جو ٻوري بند لاش هٿ اچڻ واري واقعي تي صوبائي گهرو وزير سنڌ ضياءُالحسن لنجار سخت نوٽيس ورتو، گهرو وزير پاران ايس ايس پي ميرپورخاص کي شروعاتي تفصيلن  بابت آگاهه ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ويون، ضياءُالحسن لنجار چيو آھي ته نينگري جي والدين جي بيانن ۽ موجود شاهدن جي بنياد تي جاچ اڳتي وڌائي وڃي ۽ جامع تحقيقات ذريعي حقيقتن کي سامھون آندو وڃي، ھن وڌيڪ چيو ته واقعي جي جاچ ۽ اڳڀرائي بابت لڳاتار آگاهه رکيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.