حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اهم اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، ستاويھين آئيني ترميم، سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي ٿيندڙ ممڪن حملن، افغان پناهگيرن جي نيڪالي، ۽ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حڪمتِ عملي بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، ڊاڪٽر قادر مگسي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي، جنهن ۾ شامل هر قومي ايڪائي پنهنجي مرضي سان فيڊريشن جو حصو بڻي هئي، تنهن ڪري ملڪ کي ٺهڻ وقت ڪيل واعدن مطابق برابري، انصاف ۽ خودمختياري جي اصولن تحت هلائڻ لازمي آهي، هن چيو ته سنڌ هزارين سالن جي تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت رکندڙ ڌرتي آهي، جيڪا رڳو زمين جو ٽڪرو نه پر ست ڪروڙ سنڌين جو وطن آهي ۽ سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به سازش کي سنڌ جا ماڻهو هرگز قبول نه ڪندا، رب پاڪ سنڌ کي قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، پر حڪمرانن جي غلط پاليسين، ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب سنڌ جا وارث اڄ به بک، بيماري ۽ بيروزگاري ۾ جڪڙيل آهن، آئيني عدالت قائم ٿيڻ سٺو عمل آهي، پر ان سان گڏ هر صوبي جي الڳ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به قائم ڪرڻ گهرجي، ته جيئن انصاف ۽ قانون وڌيڪ مستحڪم ۽ جلد ميسر ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ستاويھين آئيني ترميم جي نالي ۾ بادشاهت قائم ڪرڻ ۽ فردن کي هر احتساب کان آجو رکڻ وارو عمل ٿئي ٿو ته اهو سخت غلط آهي، اهڙي عمل سان نه صرف جمهوري نظام متاثر ٿيندو پر اهو بادشاهي طرزِ حڪمراني جي صورت اختيار ڪري وٺندو ۽ ملڪ ۾ ڪرپشن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.