چيف جسٽس آف پاڪستان جو عهدو ختم؟

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ)قانوني ماهر صلاح الدين احمد چيو آهي ته ترميم ۾ سپريم ڪورٽ جا عدالتي اختيار ختم ڪيا پيا وڃن، ڇو ته آئيني معاملن تي درخواستون هاڻي حڪومت جي چونڊيل ججز تي مشتمل وفاقي آئيني عدالت ڏانهن موڪليون وينديون۔هاءِ ڪورٽن ۾ به آئيني درخواستون صرف حڪومت جي چونڊيل ججز تي مشتمل بينچ کي پيش ڪيون وينديون۔جيڪي ججز ٽرانسفر قبول نه ڪندا، انهن کي ريٽائر ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان پاڪستان ۾ عدليه  جي آزادي بابت اميد تقريباً ختم ٿي وئي آهي۔قانوني ماهر اسد رحيم خان لکي ٿو ته ترميم سان "چيف جسٽس آف پاڪستان” جو عهدو ختم ڪيو ويو ۽ ان لاءِ مختلف شقن مان لفظ "پاڪستان” کي هٽايو ويو،هاڻي سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جا الڳ چيف جسٽس مقرر ڪيا ويندا.وڪيل اظهر صديقي سوال ڪيو ته کلون، مسڪرايون يا روئون؟  عدليه جي آزادي ختم ٿي وئي.” اسان جي سپريم ڪورٽ، اسان جي مرضي“دفاعي تجزئي نگار عائشه صديقه چيو ته قانوني مسودي مان ائين لڳي ٿو ته جيئن فيلڊ مارشل عاصم منير هاڻي ٽنهي سروسز کي ڪنٽرول ڪندو، جنهن ۾ آپريشنل ۽ بيوروڪريٽڪ پيچيدگي ٿيندي ۽ ان سان ڪارڪردگي متاثر ٿي سگهي ٿي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.