حسن نواز پاڪستان جي وائيٽ بال اسڪواڊ مان آئوٽ، فخر زمان جي ٽي ٽوئنٽي ۾ واپسي

لاهور (ويب ڊيسڪ) حسن نواز کي سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۽ ٽي 20 ٽراءِ نيشن سيريز مان رليز ڪيو ويو ۽ سندس جاءِ تي فخر زمان کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب ڏکڻ آفريقا خلاف وائيٽ بال سيريز ۾ شامل حسن نواز کي سريلنڪا خلاف ون ڊي ۽ ٽي ملڪي سيريز مان ڊراپ ڪيو ويو آهي.
فخر زمان سريلنڪا خلاف اڳ ئي ون ڊي اسڪواڊ جو حصو هو، جڏهن ته هاڻ کيس پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ حسن نواز جي جاءِ تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستان جي اسڪواڊ ۾ شاهين آفريدي (ڪپتان)، ابرار احمد، بابر اعظم، فهيم اشرف، فيصل اڪرم، فخر زمان، حارث رئوف، حسيب الله، حسين طلعت، محمد نواز، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، صائم ايوب ۽ سلمان علي آغا شامل آهن.
ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان جي اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان)، عبدالصمد، ابرار احمد، بابر اعظم، فهيم اشرف، فخر زمان، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، محمد سلمان مرزا، نسيم شاهه، صاحبزادا فرحان، صائم ايوب، شاهين آفريدي، عثمان خان (وڪيٽ ڪيپر)، عثمان طارق شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.