دبئي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل( آءِ سي سي )، وومينز ون ڊي ورلڊ ڪپ 2032 بابت اهم فيصلو ڪري ورتو آهي.
آءِ سي سي تازو ئي ختم ٿيل وومينز ورلڊ ڪپ جي ڪاميابي کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو.
آءِ سي سي اجلاس ۾ 2029 ۾ ٽورنامينٽ جي ايندڙ ايڊيشن ۾ ٽيمن جو انگ وڌائي 10 ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي 2021ع ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن تي عورتن جي راندين ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو، جنهن جي تصديق گذريل ڏينهن ڪئي وئي.
2000 کان 2025 تائين ٿيل هڙني وومينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ 8 ٽيمن حصو ورتو هو، پر 2029 واري ايڊيشن ۾ 10 ٽيمون شامل هونديون ۽ فائنل سميت ڪُل 48 ميچز کيڏيون وينديون.
ايندڙ سال وويمنز ٽي ٽوئنٽي به ٽيمن جو انگ وڌائي ٻارنهن ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گذريل ايڊيشن ۾ 10 ٽيمون حصو ورتو هو.
Prev Post
You might also like