ڀارتي فوجي هلندڙ ريل گاڏيءَ ۾ قتل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست راجسٿان ۾ معمولي ڳالهه تي ڏند چڪ کانپوءِ ٽرين اٽينڊنٽ، فوجي کي قتل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي فوجي اهلڪار گجر چوڌري 2 نومبر جي ڏينهن موڪل وٺي گجرات جي شهر سابرمتي وڃي رهيو هو ته واقعو پيش آيو.
سفر دوران فوجي اهلڪار ٽرين اٽينڊنٽ کان چادر ۽ ڪمبل جو مطالبو ڪيو، جنهن تي انڪار کانپوءِ ٻنهي ۾ ڏند چڪ ٿي، جنهن بعد ٻئي هٿين پئجي ويا.
جهيڙي دوران ٽرين اٽينڊنٽ چاقو سان حملو ڪري فوجي کي سخت زخمي ڪري وڌو، رت گهڻو وهڻ سبب فوجي اهلڪار ريل گاڏي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس فوجي اهلڪار جي قاتل کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو.
ريلوي انتظاميا جو چوڻ آهي ته جوابدار کي ٺيڪيدار ذريعي مقرر ڪيو ويو هو، واقعو پيش اچڻ کانپوءِ ان کي برطرف ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.