فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
ٻي ون ڊي ميچ فيصل آباد ۾ اقبال ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب منجهند ٽين وڳي شروع ٿيندي.
گرين شرٽس کي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي.
اڱاري ڏينهن کيڏيل پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي انتهائي سخت مقابلي کانپوءِ ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
ٻئي پاسي ٻي ميچ کان اڳ ڏکڻ آفريڪي ٽيم کي وڏو ڌچڪو لڳو آهي، جتي مڊل آرڊر بيٽر ڊيولڊ بريوس ڪُلهي جي انجري سبب سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪرڪيٽ سائوٿ آفريڪا موجب، بريوس جي متبادل رانديگر جو اعلان جلد ڪيو ويندو.