”صوبائي خودمختياري تي حملو برداشت نه ڪنداسين“ سهيل آفريدي جو 27هين ترميم جي مخالفت جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم جي مخالفت ڪنداسين، اها ترميم صوبائي خود مختياري تي ڌاڙو آهي.
پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته صوبائي خود مختياري تي ڪنهن به قسم جو حملو برداشت نه ڪنداسين، جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جي هر ڪوشش ناڪام بڻائينداسين، پاڪستان تحريڪ انصاف جمهوريت ۽ آئين جي محافظ آهي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت وٽ خيبر پختونخواهه جو اين ايف سي شيئر 19.4 سيڪڙو ٿئي ٿو، اسان جو ساڍا 7 ارب رپين کان وڌيڪ جو حق ٺهي ٿو، 18هين ترميم صوبائي خودمختياري برقرار رهڻ گهرجي، صوبن کي انهن جا جائز حق ملڻ گهرجن، صوبائي خودمختياري تي سوديبازي نه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.