پاڪستان سرحد پار کان ايندڙ آپگهاتي ڊرونز کي نشانو بڻائيندڙ گن تيار ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سرحد پار کان ايندڙ آپگهاتي ڊرونز جو توڙ تيار ڪري ورتو.
نيشنل اليڪٽرونڪس ڪامپليڪس ۾ تيار ”سفرا ڊرون جيمنگ گن“ ڪامي ڪازي ڊرون ناڪارا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ اهو جيمنگ گن ڏيڍ ڪلو ميٽر پري کان ڊرون کي نشانو بڻائي ان کي ۽ ان جي رمورٽ ڪنٽرول کي ناڪارا بڻائي ٿو ڇڏي.
ڪراچي ۾ جاري ميري ٽائم ايڪسپو ۾ جيمنگ گن جي نمائش ڪئي وئي.
اينٽي ڊرون جيمز گن ٺاهيندڙ ڪمپني جي مينيجر حمزا خالد ٻڌايو ته ان گن کي ملڪي سرحدن تي لڳائي سگهجي ٿو، ان کانسواءِ شهرن ۾ ٿيندڙ وڏن ايونٽن ۾ به ان کي استعمال ڪري سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته گن ٿري ڊگري جي اينگل تي ڏيڍ ڪلو ميٽر جي رينج ۾ ڪم ڪندو آهي، جڏهن ته ضرورت موجب ان جا اينگل تبديل به ڪري سگهجن ٿا، ان رينج ۾ ايندڙ سڀني ڊرونز جو ڪنٽرول حاصل ڪيو ويندو آهي يا انهن کي ناڪارا بڻائيندي پاڻ وٽ لينڊ ڪرايو ويندو آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته سرحد پار کان ايندڙ ڊرونز کي ان گن جي مدد سان آساني سان نشانو بڻائي سگهجي ٿو، ڀلي دشمن طرفان ڪيتري به انگ ۾ ڊرون اچن، هي گن انهن کي ناڪارا بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.